welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وفاقي سرڪار 24 سرڪاري ادارن جي ٽن مرحلن ۾ نجڪاري جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: (خميس 07 آگسٽ 2025ع) وفاقي حڪومت 24 سرڪاري ادارن جي 3 مرحلن ۾ نجڪاري جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وفاقي حڪومت طرفان تيار ڪيل نجڪاري جي فهرست قومي اسيمبلي اجلاس ۾ وفاقي وزير نجڪاري عبدالعليم خان پيش ڪئي. عبدالعليم خان چيو ته گذريل سال 24 سرڪاري ادارن کي نجڪاري جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ادارن جي نجڪاري 3 مرحلن ۾ ڪئي ويندي. هن چيو ته 10 ادارن جي نجڪاري هڪ سال جي اندر مڪمل ڪئي ويندي. هن چيو ته 13 ادارن جي نجڪاري ٻئين مرحلي ۾ 3 سالن جي اندر ڪئي ويندي. ٽئين مرحلي ۾ پوسٽل لائف انشرونس ڪمپني جي نجڪاري 5 سالن ۾ ٿيندي. وفاقي وزير طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل تفصيلن موجب پهرين مرحلي ۾ آئيسڪو سميت 3 ڊسڪوز جي نجڪاري به ڪئي ويندي. پهرين مرحلي ۾ قومي ايئر لائين پي آءِ اي، روز ويلٽ هوٽل ۽ زرعي ترقياتي بينڪ جي نجڪاري به شامل آهي. وفاقي وزير نجڪاري موجب فرسٽ ويمن بينڪ هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن، اسٽيٽ لائف انشورنس، يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن ۽ چار جينڪوز جي نجڪاري ڪئي ويندي. ٻئين مرحلي ۾ ليسڪو سميت 9 ڊسڪوز جي نجڪاري به ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے