
ڪراچي:(خميس 07 آگسٽ 2025ع) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته اربعين جي لاءِ عراق ويندڙ زائرين کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون جاري آهن. اميد آهي ته اڄ ٻنپهرن تائين معاملا حل ٿي وڃن.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي گورنر چيو ته گهرو وزير محسن نقوي واضح ڪيو آهي ته هن وقت ملڪ کي سيڪيورٽي خدشن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي ڪجهه ڏکيا قدم کڻڻ تمام گهڻو ضروري آهن. هن چيو ته ايم ڊبليو ايم جي قيادت منهنجي درخواست تي روڊ ذريعي روانگي ملتوي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ڪراچي کان حب ويندڙ قافلو به ملتوي ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ٻڌايو ته منهنجي سينيٽر طلال چوڌري سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جنهن ۾ زائرين جي مسئلن ۽ انهن جي حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته مان مڃان ٿو ته سيڪيورٽي ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي ۽ انهي حوالي سان حڪومت پنهنجون سموريون ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته زائرين جي قيادت سان هڪ ٻئي ملاقات اڄ ٻنپهرن جو ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ ڪيل فيصلن تي مڪمل عمل ڪرايو ويندو. ڪامران ٽيسوري چيوته زائرين جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اهي بنا دير ۽ حفاظت پنهنجي مقدس سفر تي روانه ٿي سگهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language