ڪوئٽہ:(ڇنڇر 16 آگسٽ 2025ع)ڪوئيٽا جي علائقي سرياب ۾ غير محفوظ آئس ڪريم کائڻ کان پوءِ 20 کان وڌيڪ ٻار بيمار ٿيڻ جا اطلاع آهن.
سول اسپتال ڪوئيٽا جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالهادي جيو نيوز کي ٻڌايو ته سرياب جي ڪيچي بيگ، قمبراني روڊ ۽ بشير چوڪ جي علائقن مان 20 کان وڌيڪ ٻارن کي بي هوشي جي حالت ۾ سول اسپتال آندو ويو.
ڊاڪٽر عبدالهادي موجب، اهو الزام لڳايو پيو وڃي ته متاثر ٻارن هڪ آئس ڪريم کائي هئي جيڪا صحت لاءِ نقصانڪار هئي.
ڊاڪٽر عبدالهادي وڌيڪ چيو ته 8 ٻارن کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ اسپتال مان فارغ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 12 ٻارن جي اڃا تائين سار سنڀال ڪئي پئي وڃي، پر ڪنهن به ٻار جي حالت نازڪ ناهي.
ٻئي طرف، پوليس والدين جي اطلاع تي آئس ڪريم وڪرو ڪندڙ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language