ڏوڪري:(سومر11 آگسٽ 2025ع)ڏوڪري ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران بيلچو لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو.
ڏوڪري جي فارم ڪالوني ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين صمد خاصخيلي ۽ جاويد خاصخيلي ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ بيلچو لڳڻ سبب جاويد خاصخيلي زخمي ٿي پيو، زخمي جاويد خاصخيلي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو فوتي جاويد خاصخيلي جو لاش ڏوڪري اسپتال آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language