welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاڙڪاڻو: شيخ زيد وومين اسپتال ۾ ڊليوري دوران ڊاڪٽرياڻي جي غفلت، تازي ڄاول ٻارڙي جي مبينه طور ٽن هنڌن تان ٽنگ ڀڃي ڇڏي

لاڙڪاڻو:(سومر11 آگسٽ 2025ع)لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال ۾ ڊليوري دوران ليڊي ڊاڪٽر نئين ڄاول ٻارڙي جي مبينه طور ٽن هنڌن تان ٽنگ ڀڃي ڇڏي آهي. ڳوٺ کوڙو واسڻ شاهده کهڙو کي گذريل رات شيخ زيڊ وومين اسپتال ۾ ويم لاءِ داخل ڪيو ويو هو جنهن بعد وارثن الزام لڳايو ته ويم دوران ڊاڪٽر ۽ اسٽاف جي نااهلي سبب ٻارڙي جي ٻن هنڌن تان ٽنگ ٽوڙي وئي ۽ هڪ هنڌ کان ڪڍي وئي آهي. وارثن موجب ٻارڙي جي ٽٽي ويل ٽنگ جي ايڪسري رپورٽ ۾ به ان جي تصديق ٿي آهي. ٻئي پاسي ايم ايس ڊاڪٽر مختيار ڌامراهه جو چوڻ آهي ته معاملي جو نوٽيس ورتو ويو آهي، اسپتال انتظاميه کان جواب طلب ڪيو آهي، ڊاڪٽرن جو جواب اچڻ بعد پروفيسرن تي ٻڌل تحقيقاتي ٽيم ٺاهي ويندي، جيڪا اڳتي جي وڌيڪ ڪارروائي هلائيندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے