welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

9 مئي ڪيس: شاهه محمود بري، ياسمين راشد، محمود الرشيد، اعجاز چوڌي کي 10، صنم جاويد کي 5 سال قيد جي سزا

لاهور:(سومر11 آگسٽ 2025ع)دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور 9 مئي شادمان ٿاڻي ۽ راحت بيڪري ۾ ڀڃ ڊاهه جي 2 ڪيسز جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمودالرشيد، اعجاز چوڌري کي 10-10 سال قيد، عالميه حمزه ۽ صنم جاويد کي 5-5 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور جي جج منظر علي گل 2 ڪيسز جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. فيصلي ۾ عدالت شاهه محمود قريشي کي ٻنهي ڪيسز ۾ بري ڪري ڇڏيو. شاهه محمود قريشي کي شادمان ٿاڻي تي ڀڃ ڊاهه ۽ باهين، گهيراءُ پوليس جون گاڏيون ساڙڻ جي ڪيسز ۾ بري ڪيو ويو. عدالت پنجاب جي اڳوڻي گورنر سرفراز چيمه کي 10 سال قيد جي سزا جو حڪم ڏنو. ڊاڪٽر ياسمين راشد، محمودالرشيد ۽ اعجاز چوڌري کي 10-10 سال قيد جي سزا جو حڪم ڏنو ويو. انهي کان علاوه پي ٽي آءِ اڳواڻ عاليه حمزه ۽ صنم جاويد کي 5-5 سال قيد جي سزا ٻڌائي. عدالت شادمان ٿاڻي ۾ باهين جي ڪيس ۾ 12 جوابدارن کي بري ڪيو جڏهن ته 13 جوابدارن کي سزا ٻڌائي. عدالت راحت بيڪري جي ٻاهران باهيون، گهيراءُ ڪيس ۾ 10 جوابدارن کي بري ۽ 7 جوابدارن کي سزا ٻڌائي. عدالت پي ٽي آءِ باني جي گارڊ حافظ ارشد کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي، بيڪري جي ٻاهران پوليس جون گاڏيون ساڙن جي ڪيس ۾ 10 جوابدارن کي بري ڪيو ويو. عدالت عائشه ڀٽه کي 10 سال قيد جي سزا جو حڪم ڏنو. ننڍي عمر جي جوابدارن کي بري ڪيو ويو. عاليه حمزه ۽ صنم جاويد کي هڪ، هڪ لک روپيه ڏنڊ جو حڪم ڏنو. خميس تي دهشتگردي جي انت واري عدالت ٻنهي ڪيسز جو فيصلو محفوظ ڪيو هو، ڪيس ۾ 45 جوابدارن جا ٽرائل ٿيا جن مان 25 گرفتار جڏهن ته 15 اشتهاري آهن، هڪ جوابدار فوت ٿي چڪو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے