welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 282هين عرس مبارڪ ۾ شرڪت، درگاهه تي چادر چاڙهي

مٽياري:(سومر11 آگسٽ 2025ع) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀٽ شاهه ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 282 هين عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري درگاهه تي حاضري ڏئي صوفي شاعر ۽ عظيم روحاني پيشوا حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي مزار تي چادر چاڙهي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا ڪئي۔ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي والد محترم شاهه حبيب رح جي مزار تي به حاضري ڏئي فاتحه خواني ڪئي۔ ان موقعي تي سندن گڏ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، قومي اسيمبلي جي ميمبر مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه به موجود هئا، جن مزار تي حاضري ڏئي دعا گهري۔ بلاول ڀٽو زرداري جي آمد تي زائرين ۽ عقيدتمندن وڏي تعداد ۾ موجود رهي انهن جو ڀليڪار ڪيو۔ ڀٽ شاهه ۽ درگاهه جي احاطي ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا ته جيئن زائرين ۽ معزز مهمانن جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي۔

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے