
نيو دھلي:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)ترڪي سان تعلق رکندڙ ايئرپورٽ سروس ڪمپني 'سيليبي' خلاف هڪ جانبدار فيصلي ۾، هندستاني عدالت ان جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
مشهور هوائي ڪمپني 'سيليبي ايئرپورٽ سروسز انڊيا پرائيويٽ لميٽيڊ' کي به هندستاني عدالت کان رليف نه ملي سگهيو. عدالت هوائي ڪمپني سيليبي جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن ۾ قومي سلامتي جي بنياد تي ان جي سيڪيورٽي ڪليئرنس کي رد ڪرڻ جي حڪومت جي فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو هو.
دهلي هاءِ ڪورٽ سومر تي هندستان ۾ پنهنجي خدمتن جي تسلسل بابت سيلبي ايئرپورٽ سروسز انڊيا پرائيويٽ لميٽيڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
جسٽس سچن دتا سيلبي ايئرپورٽ سروسز انڊيا پرائيويٽ لميٽيڊ ۽ سيلبي دهلي ڪارگو ٽرمينل مئنيجمينٽ انڊيا پرائيويٽ لميٽيڊ پاران داخل ڪيل درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو.
ٻئي ڪمپنيون ڪيترن ئي هندستاني هوائي اڏن تي گرائونڊ هينڊلنگ ۽ ڪارگو آپريشن سروسز فراهم ڪنديون هيون. انهن جي درخواست تي، دهلي هاءِ ڪورٽ 23 مئي تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ سومر تي ٻڌايو ويو.
هندستان جي هوائي سيڪيورٽي ريگيوليٽر، بيورو آف سول ايوي ايشن سيڪيورٽي (BCAS)، قومي سلامتي جي خدشن جو حوالو ڏيندي 15 مئي تي سيلبي جي سيڪيورٽي ڪليئرنس واپس وٺي ڇڏي هئي.
هندستاني اختيارين جو اهو فيصلو ترڪي پاران تازي پاڪ-ڀارت جنگ ۾ پاڪستان جي کليل حمايت ۽ هندستاني حملن جي مذمت ڪرڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ آيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language