welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حیدرآباد: سندھ ترقی پسند پارٽی کا اجلاس ڈاکٹر قادر مگسی کی زیر صدارت منعقد،سیاسی و سماجی صورتحال پر بات چیت ۔

حیدرآباد:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ڄام عبدالفتاح سميجو ، انجنيئر گلزار سومرو ، حيدر شاھاڻي ، نثار ڪيريو، هوت خان گاڏهي ،ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري ، امتياز سمون ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ،عاشق سولنگي ، ڄام شوڪت ابڙو ، گوتم چنا، خدابخش درس، خير محمد مگسي، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، اطھر شاھ، اعجاز سامٽيو ، سحر رضوي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ موجوده سياسي، سماجي، معاشي ۽ آئيني حالتن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ هن وقت انتهائي ڳنڀير بحرانن مان گذري رهي آهي. 17 سالن کان مسلسل حڪمراني ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام جي مسئلن جي حل ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي. عوام جي قسمت ۾ ڪا به مثبت تبديلي نه آئي آهي. ڊاڪٽر مگسي چيو ته سنڌ جو تعليمي نظام مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ، بنيادي سهولتن جي اڻاٺ ۽ غير سنجيدگي سبب لکين ٻار تعليم کان محروم آهن. اسپتالن ۾ نه دوائون آهن، نه ڊاڪٽرن جي حاضري، نه ئي ڪو موثر صحت وارو نظام موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته مقامي سطح تي چونڊيل چيئرمين ۽ ڪائونسلر ترقياتي ڪم ڪرڻ بدران ڪرپشن ۾ مشغول آهن. يونين ڪائونسلن جي سطح تي بجيٽ جو غير شفاف استعمال ۽ ترقياتي فنڊن جي لوٽ مار عام ٿي وئي آهي. هي حالتون ثابت ڪن ٿيون ته حڪومتي نظام عوامي مفادن جي بدران ذاتي مفادن تي هلي رهيو آهي. اجلاس ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي والار کي سنڌ جي زرعي معيشيت خلاف سازش قرار ڏنو ويو. ڊاڪٽر مگسي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي زمينون پرڏيهي ڪمپنين ۽ طاقتور سرڪاري ادارن حوالي ڪيون پيون وڃن، جيڪي مقامي آبادگارن لاءِ خطري جي گهنٽي آهن. ساڳئي وقت وفاق طرفان آئين ۾ اهڙيون ترميمون تجويز ڪيون پيون وڃن، جن سان صوبن جا مالي، انتظامي ۽ سياسي اختيار محدود ٿين ٿا، جيڪي 18هين ترميم خلاف سازش آهن. سنڌ ترقي پسند پارٽي انهن ترميمن کي مڪمل طور رد ڪندي، صوبائي خودمختياري جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي. آبپاشي نظام جي ناڪامي، وفاقي حڪومت جي غير منصفاڻي پاليسين ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن. هن مهانگائي، بيروزگاري ۽ عام ماڻهو جي معاشي حالتن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته غريب ماڻهو هاڻي هڪ ويلو کائڻ لاءِ به پريشان آهي. گيس، بجلي، اٽو، دوا، پاڻي سڀ ڪجهه مهانگو آهي. ماڻهن لاءِ جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهن سڀني مسئلن خلاف جلد ئي هڪ مربوط، اثرائتي ۽ منظم عوامي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. پارٽي عوام سان گڏجي سنڌ جي حقن، وسيلن، تعليم، صحت، پاڻي، زمين ۽ خودمختياري لاءِ تحريڪ کي نئين مرحلي ۾ داخل ڪندي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي عوام کي هاڻ سجاڳ ٿيڻ جي ضرورت آهي. اهو وقت آهي جو اسين گڏجي جدوجهد ڪريون ۽ سنڌ کي انهن بحرانن مان ڪڍون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے