
مري:(سومر 21 جولاءِ 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز اهم قومي معاملن تي صلاح مشورا ڪيا آهن، جنهن ۾ وفاقي ۽ پنجاب جي ڪابينا ۾ ردوبدل ۽ واڌ تي غور ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نواز شريف ۽ وڏي وزير مريم نواز آچر تي مری ۾ اهم قومي معاملن تي صلاح مشورا ڪيا.
ذريعن موجب، شريف خاندان جا ٻيا ميمبر به مشاورتي عمل ۾ شامل هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ وزيرن ۽ وزارتن جي احتساب جي پاليسي کي به ساراهيو.
مشاورتي اجلاس ۾ وفاقي ۽ پنجاب جي ڪابينا ۾ ردوبدل ۽ واڌ تي به غور ڪيو ويو، جڏهن ته مون سون جي برساتن سبب عوام جي جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو.
نواز شريف متاثر خاندانن لاءِ امدادي پيڪيج جي هدايت پڻ جاري ڪئي.
ان کان علاوه، نواز شريف مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ ۽ قيمت جو نظام ٺاهڻ جي هدايت ڪئي.
ياد رهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ تازي مون سون جي برساتن سبب 13 وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن، جنهن سان 26 جون کان 20 جولاءِ تائين ڪُل فوتين جو انگ 216 ٿي ويو آهي.
ان کان علاوه، پنجاب ۾ تيز برساتن ڪپهه، ڪمند ۽ چانورن جي فصلن کي سخت نقصان پهچايو آهي، جنهن ڪري هارين ۾ پريشاني پيدا ٿي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language