اسلام آباد:(جمعو 04 جولاءِ 2025ع)پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته سنڌو پاڻي معاهدي تي عالمي ثالثي عدالت جو ضمني فيصلو پاڪستان جي موقف جي تصديق آهي.
هفتيوار نيوز بريفنگ دوران، پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته عالمي ثالثي عدالت اهو فيصلو ڀارت جي سنڌو پاڻي معاهدي جي غير قانوني معطلي کان پوءِ جاري ڪيو، پاڪستان ثالثي عدالت جي ضمني فيصلي جو استقبال ڪري ٿو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ضمني فيصلو ظاهر ڪري ٿو ته سنڌو پاڻي معاهدو صحيح ۽ فعال آهي، فيصلو ظاهر ڪري ٿو ته ڀارت کي سنڌو پاڻي معاهدي تي هڪ طرفي ڪارروائي ڪرڻ جو ڪو حق ناهي.
شفقت علي خان چيو ته ڀارت وٽ پاڪستان خلاف ڪو به ثبوت ناهي، پاڪستان جي ايٽمي بليڪ ميل بابت جئي شنڪر جو بيان اسان جي صلاحيتن ۽ انهن جي عدم تحفظ جو عڪس آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان جولاءِ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالي ورتي آهي، پاڪستان گهڻ طرفي ۽ تڪرارن جي پرامن حل ۽ فلسطين جي مسئلي تي اجلاسن جي صدارت ڪندو، تبت جو مسئلو چين جو اندروني معاملو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language