welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽرمپ ٽيڪساس کي آفت قرار ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ وڌي ويو

واشنگٽن:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيڪساس رياست کي آفت زدہ قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ 28 ٻارن سميت 82 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي اڃا تائين گم آهن. آمريڪي صدر ٽرمپ رياست کي آفت زدہ قرار ڏنو آهي، ٽيڪساس جي ڪير ڪائونٽي ٻوڏ سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي، جتي هاڻي تائين 68 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. آمريڪي صدر جو اهو قدم ڪير ڪائونٽي ۾ متاثر ماڻهن کي وفاقي فنڊ فراهم ڪندو، جنهن ۾ عارضي رهائش ۽ گهرن جي مرمت لاءِ گرانٽ ۽ غير بيمه ٿيل ملڪيت جي نقصان لاءِ گهٽ قيمت وارا قرض شامل آهن. حڪومتي عملدارن چيو ته گواڊيلوپ نديءَ جي ڪناري تي هڪ نوجوان ڪئمپ مان 27 گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ٽئين ڏينهن به جاري آهي، ۽ اڃا تائين 800 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. هفتي جي آخر ۾ مرڪزي ٽيڪساس ۾ ڪيترائي ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪيا ويا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے