welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڊاڪٽر عافيه ڪيس ۾ وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

اسلام آباد:(اڱارو 22 جولاءِ 2025ع)ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس ۾ رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس سردار اعجاز اسحاق رمارڪس ڏيندي چيو ته موڪلون ختم ٿيڻ بعد پهرين ڪم واري ڏينهن تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي. ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي، صحت ۽ وطن واپسي بابت ڪيس جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق ٻڌڻي ڪئي. جسٽس سردار اعجاز اسحاق چيو ته مون اڳ ئي چيو هو ته جيڪڏهن رپورٽ پيش نه ڪئي وئي ته توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪندس. درخواستگذار جي وڪيل عمران شفيق چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي اسٽي وٺڻو هجي ها ته هاڻ نئين بينچ به ٺهي وڃي ها، اسان کي معلوم آهي ته هاءِ ڪورٽ ڪيئن هلي رهي آهي، جسٽس سردار اعجاز اسحاق وفاقي ڪابينا کي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي عدالتي موڪلن کان پوءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے