
سانگھڙ:(اڱارو 22 جولاءِ 2025ع)سرڪٽ هائوس سانگهڙ ۾ حر جماعت جي راڄڙ برادري ۽ ايم اين اي علاوالدين جوڻيجو جي وچ ۾ زرعي زمين جي تڪرار بابت 6 ڪلاڪن تائين هلندڙ ڳالهيون نيٺ فيصلي تي پهتيون، جنهن جو اعلان معتبر امين اسدالله پڙهي ٻڌايو. فيصلي موجب، متنازع 11 آرڊيون زرعي زمين، جيڪي راڄڙ برادري خريد ڪيون هيون، انهن جي سرڪاري ماپ ڪرائي ويندي. ماپ جي نتيجي ۾ اها زمين ٻنهي ڌرين راڄڙ ۽ علاوالدين جوڻيجو جي وچ ۾ برابر ورهائي ويندي. ان وقت تائين جيتري زمين تي پوک ڪئي وئي آهي، ان تي پوکيل فصل جو مالڪ راڄڙ برادري کي تسليم ڪيو ويو. راڄڙ برادري پاران خريد ڪيل 11 آرڊيون، جن جو اگهه 65 لک رپيا آهي، اهي پئسا ايم اين اي علاوالدين جوڻيجو طرفان ڀريا ويندا. ان کانسواءِ، جنهن زمين جو کاتو علاوالدين وٽ آهي، ان تي سندس حق مڃيو ويو. فيصلي ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته زمين تي هٿيار کڻي ڪاھه ڪرڻ ۽ زبردستي قبضو ڪرڻ جي عمل تي ايم اين اي علاوالدين جوڻيجو تي 10 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، جيڪو راڄڙ برادري معاف ڪري ڇڏيو. فيصلي جو عمل ۽ نبيرو معتبرن ۽ امينن حر جماعت جي چيف خليفي فقير قادر بخش منگريو، ايم پي اي امداد پتافي، ڄام شبير، امير علي شاهه جيلاني، فقير علي حسن نظاماڻي، سعيد خان نظاماڻي ۽ امين اسدالله، جي موجودگيءَ ۾ عمل ۾ آيو
0 تبصرے
Do not use vulgar language