welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

صحافي کان ذريعو پڇڻ تي 3 سال سزا، بل منظور: سوشل ميڊيا استعمال لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 16سال مقرر

اسلام آباد:(اڱارو 22 جولاءِ 2025ع)سينيٽ صحافين جي تحفظ سوڌو 8 ترميمي بل منظور ڪري ورتا، سوشل ميڊيا جي استعمال بابت عمر مقرر ڪرڻ سميت 6 بل لاڳاپيل ڪاميٽي حوالي ڪيا ويا. سينيٽ ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ جو بل منظور ڪيو ويو، بل تحت اظهار راءِ مان مراد معلومات نشر ۽ شايع ڪرڻ جو حق آهي، صحافين جي تحفظ ڪميشن جو چيئرمين هاءِ ڪورٽ جو جج يا جج جي اهليت وارو شخص هوندو جنهن وٽ 15 سال پريڪٽس جو تجربو هجي، ڪميشن ۽ ميمبرن جي مقرري حڪومت ڪندي، مدو 3 سال هوندو، واڌ نه ٿيندي، جن تي اظهار راءِ جي آزادي جي پريڪٽس سبب حملو ڪيو ويو هجي، ان صحافي ۽ سندس گهرواري، ٻارن، مائٽن ساٿي، ملڪيت جو تحفظ ڪميشن ڪندي. ڊيوٽي دوران ڪنهن صحافي خلاف تشدد جو رويو استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، جيڪو به ايئن ڪندو ان کي 7 سال قيد ۽ 3 لک ڏنڊ جي سزا ملندي، صحافي تي معلومات جو ذريعو ظاهر ڪرڻ لاءِ دٻاءُ نه وجهي سگهبو، دٻاءُ وجهندڙ کي 3سال قيد ۽ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ملندي، صحافي ڪنهن شخص، گروپ، اداري، تنظيم جي دٻاءَ بنا آزادي سان ڪندو، جيڪو شخص ڀڃڪڙي ڪندو ان کي 5 سال قيد جي سزا ۽ هڪ لک ڏنڊ لڳندو، ڪميشن پاران شڪايت اچڻ تي ٿاڻي جو ايس ايچ او ڪيس داخل ڪندو، صحافين جي تحفظ ڪيسز لاءِ وفاقي حڪومت سيشن ڪورٽ قائم ڪندي، ڪميشن جو هر ميمبر اسٽاف حڪومت ۽ انتظاميا کان آزاد هوندو، جڏهن ته سينيٽ ۾ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن لاءِ عمر جي حد مقرر ڪرڻ وارو بِل پيش ڪيو ويو. بِل موجب سوشل ميڊيا واهپيدار جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 16 سال هوندي ۽ سوشل ميڊيا پليٽفارم کي پابند بڻايو ويندو ته هو ننڍي عمر عمر وارن کي اڪائونٽ ٺاهڻ کان روڪي. بِل ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته جيڪڏهن ڪو پليٽفارم گهٽ عمر واري ٻار کي اڪائونٽ ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ٿو ته ان مٿان 50 هزار کان 50 لک رُپين تائين ڏنڊ لاڳو ٿي سگهجي ٿو. بِل جي متن موجب، ننڍي عمر واري ٻار کي اڪائونٽ ٺاهڻ ۾ سهولت ڏيندڙ شخص کي به 6 مهينن تائين قيد ۽ 50 هزار کان 50 لک رُپين تائين ڏنڊ هڻي سگهجي ٿو. بِل ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي اي ننڍي گهٽ وارن ٻارن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جو ٻارَ اڪائونٽ نه ٺاهي سگهن. اهڙي ريت سينيٽ ۾ پيش ڪيل تماڪو نوشي بابت ترميمي بل ۾ چيو ويو آھي ته ڪو به شخص ڪنهن به عوامي هنڌ يا عوامي استعمال واري جاءِ تي ڪنهن به صورت ۾ تماڪ جو استعمال يا اليڪٽرانڪ نيڪوٽن،اي سگريٽ، اي شيشا، ليڪويڊ استعمال نه ڪري سگهندو، عوامي سروس وارين گاڏين ۾ تماڪو نوشي تي پابندي لاڳو تصور ٿيندي، اهڙي ريت 18 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوان کي سگريٽ وڪرو ڪرڻ تي به پابندي لاڳو تصور ڪئي ويندي. ڪنهن به ڪاليج اسڪول يا ٻين تعليمي ادارن جي پنجاهه ميٽر جي دائري ۾ سگريٽ وڪرو ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ٿيندي، هن قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي هڪ سال قيد ۽ ٻين لکن تائين ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي جڏهن ته عوامي هنڌن تي سگريٽ پيئڻ تي 20 هزار کان پنجاهه هزار تائين ڏنڊ لڳندو. جڏهن ته سينيٽ جي ايوان 8 ترميمي بل منظور ڪيا جن ۾ ليگل پريڪٽشنرز اينڊ بارڪائونسل ترميمي بل، حڪومتي ادارن ۾ گورننس جي قانونن ۾ ترميم جو بل، اويڪيوٽرسٽ ايڪٽ ۾ ترميم جو بل، نيشنل انسٽيٽوٽ جي ٻيهر جوڙجڪ جو ترميمي بل، اسلام آباد ۾ خيراتي ادارن جي رجسٽريشن جو ترميمي بل ، تعزيرات پاڪستان ايڪٽ ۾ ترميم جو بل ،فوجداري ايڪٽ ۾ ترميم جو بل شامل آھن، سينيٽ ۾ 6 ترميمي بل لاڳاپيل ڪاميٽين حوالي ڪيا ويا، پيش ڪيل ترميمي بلن ۾ اسلام آباد لاءِ موٽر وهيڪل آرڊيننس ۾ ترميم جو بل ، ڀنگ ڪنٽرول اٿارٽي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل، وڪيشنل اينڊ ٽيڪنڪل ايجوڪيشن ڪميشن بل، تماڪو نوشي ڪندڙن جي صحت بابت ترميم جو بل شامل آھن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے