welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

احسن اقبال ترقي يافته ملڪن کان ماحولياتي واعدا پورا ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:(اڱارو 22 جولاءِ 2025ع)وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال ترقي يافته ملڪن کان ماحولياتي واعدا پورو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ موسمياتي تبديلي جي موضوع تي تقريب کي خطاب ۾ احسن اقبال چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ خوفناڪ حقيقت بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته گليشيئرز پگهرجڻ، سنڌو درياءَ جي آبي نظام کي سنگين خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ گلشيئرز جي پگهرجڻ جي شرح 60 سالن ۾ بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. منصوبه بندي واري وزير ترقي يافته ملڪن کان ماحولياتي واعدا پورا ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته متاثر ملڪن جي لاءِ 100 ارب ڊالر ساليانو جي فراهمي خيرات نه، ماحولياتي انصاف جي گهرج آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي سبب متاثر ملڪ ماحوليات انصاف لاءِ عالمي طاقتن سان ڊومور جي گهر ڪن ٿا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے