برسلز:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)يورپي انساني حقن جي تنظيم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف غزه ۾ نسل ڪشي جي مدد ۽ سهڪار ڪرڻ تي فوجداري ڪيس جو مطالبو ڪيو آهي.
يورو-ميڊيٽرينين هيومن رائٽس مانيٽر امداد جي ورڇ دوران درجنين فلسطينين جي فوت ٿيڻ کان پوءِ اهو مطالبو ڪيو.
نگراني گروپ چيو ته بين الاقوامي تنظيمن کي غزه ۾ آمريڪي حمايت يافته امدادي تنظيم جي حمايت لاءِ ٽرمپ کي جوابده قرار ڏيڻ گهرجي.
نگراني گروپ اهو به چيو ته آمريڪي خانگي سيڪيورٽي ٺيڪيدار اسرائيلي سپاهين سان گڏ امداد حاصل ڪندڙ فلسطينين تي حملن ۾ ملوث رهيا آهن، ۽ ٽرمپ انتظاميه غزه ۾ اسرائيلي جنگ لاءِ فوجي، مالي، سياسي ۽ سفارتي مدد پڻ فراهم ڪئي آهي.
نگراني گروپ وڌيڪ چيو ته غزه ۾ امداد جي ورڇ دوران ٻن مهينن ۾ 800 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي غزه ۾ نسل ڪشي جي مدد ۽ سهڪار ڪرڻ تي فوجداري ڪيس هلائڻ گهرجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language