welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

انڊين پائلٽس ايسوسيئيشن پاران ايئر انڊيا حادثي جي جاچ تي خدشن جو اظهار

نئين دھلي:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)انڊين پائلٽس ايسوسيئيشن احمد آباد ۾ مسافر جهاز ۾ پيش آيل حادثي جي جاچ تي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي ۽ شفافيت جو مطالبو ڪيو آهي. تفصيل موجب، پائلٽس ايسوسيئيشن جون ۾ ايئر انڊيا جي جهاز ۾ پيش آيل حادثي جي جاچ تي تحفظات جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جاچ ۾ مناسب ماهر شامل نه هئا. ان کان علاوه، حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن پڻ غير جانبدار جاچ ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان حوالي سان، هندستان جي شهري هوائي جهاز جي مملڪتي وزير مرليڌر موهول چيو ته بليڪ باڪس کي ڊيڪوڊ ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن ڏانهن موڪلڻ جي ڪا ضرورت ناهي، جڏهن ته جهاز حادثي جي آخري رپورٽ اچڻ تائين ڪنهن به نتيجي تي پهچڻ صحيح نه هوندو. ياد رهي ته هن سال جون ۾، هندستان جي شهر احمد آباد ۾ ايئر انڊيا جو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو هو، جنهن ۾ 260 ماڻهو مارجي ويا هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے