welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اليڪشن ڪميشن سينيٽر اعجاز چوڌري، احمد خان ڀچر ۽ احمد چٺا کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد:(سومر 28 جولاءِ 2025ع)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽر اعجاز چوڌري، احمد خان ڀچر ۽ احمد چٺا کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن سينيٽر اعجاز چوڌري جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن مطابق دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت اعجاز چوڌري کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. اليڪشن ڪميشن اين اي 66 وزيرآباد مان احمد چٺا ۽ پي پي 87 ميانوالي مان احمد خان ڀچر کي به نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي فيصلن کان پوءِ، ٽنهي کي نااهل قرار ڏنو ويو، ۽ اليڪشن ڪميشن ٽنهي سيٽن کي خالي قرار ڏنو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے