welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ بدنظمي، مخالف ڌر جي ميمبر حسن رياض کي چماٽ وھائي ڪڍي

لاھور:(سومر 28 جولاءِ 2025ع)پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گڙٻڙ ۾ پئجي ويو، ۽ اسيمبلي ميمبرن ۾ به گھر ۾ جهيڙو ٿيو. ڊپٽي اپوزيشن جي تقرير دوران حڪومتي ميمبر حسن رياض ڳالهائي رهيو هو، جڏهن پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن سرڪاري ميمبر کي چماٽ هنئي. اپوزيشن ميمبر خالد نثار ڊوگر حڪومتي ميمبر حسن رياض کي چماٽ هنئي. پنجاب اسيمبلي جي قائم مقام اسپيڪر ملڪ ظهير اقبال چنڙ اسيمبلي ميمبرن جي وچ ۾ جهيڙي سبب اجلاس کي پنجن منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. حڪومتي ميمبر حسن رياض ۽ مخالف ڌر جي ميمبر خالد زبير نثار جي هڪ ٻئي تي رڙيون ڪرڻ کان پوءِ اوچتو ھٿين پئجي ويا. صوبائي وزير ذيشان رفيق به جهيڙي ۾ ٽپو ڏنو. قائم مقام اسپيڪر حسن رياض ۽ ذيشان رفيق کي بار بار روڪيو بعد ۾ اپوزيشن ۽ ٻين حڪومتي ميمبرن هڪ ٻئي کي چماٽون هنيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے