پشاور:(جمعو 11 جولاءِ 2025ع)ڊاڪٽرن پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز جي اوپن هارٽ سرجري تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو دل جي بيماري ۾ مبتلا آهي.
ذريعن موجب، ڊاڪٽر شبلي فراز جي اوپن هارٽ سرجري تي غور ڪري رهيا آهن، جيڪو پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ علاج هيٺ آهي، پر اهي ان لاءِ ڪجهه ٽيسٽن جو انتظار ڪري رهيا آهن.
اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته دل جي هڪ مکيه شريان تي عضلاتي پل آهي، شريانن ۾ رڪاوٽ جي ڪري دل جي دوري جو خطرو هوندو آهي، جڏهن ته شبلي فراز ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ درد محسوس ڪندو آهي ۽ بلڊ پريشر به هاءِ هوندو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language