ڪراچي:(جمعو 11 جولاءِ 2025ع)ڪراچي ۾ چوماسي دوران گيسٽرو اينٽرائٽس ۽ مختلف پيٽ جي بيمارين ۾ اضافو ٿيو آهي.
اختيارين موجب، معدي جي بيمارين ۾ مبتلا 80 مريض روزانو جناح اسپتال ۾ اچي رهيا آهن ۽ سول اسپتال ۾ گيسٽرو اينٽرائٽس جا 100 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن.
جناح اسپتال جي ايمرجنسي انچارج ڊاڪٽر عرفان سان ڳالهائيندي چيو ته گيسٽرو جي ڪيسن ۾ 20 کان 30 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، پيٽ جي بيمارين جو سبب گندو پاڻي ۽ هر هنڌ مکين جي گهڻائي آهي.
ڊاڪٽر عرفان شهرين کي هدايت ڪئي ته ٻاهر جو کاڌو کائڻ کان پاسو ڪن، کاڌي پيتي جي شين کي ڍڪي رکن ۽ استعمال کان اڳ پاڻي اُبالي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language