
اسلام آباد:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)ڊيره اسماعيل خان ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي فرنٽيئر ڪانسٽيبلري(ايف سي) کي مقرر ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزارت ڪمانڊنٽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري خيبرپختونخواهه کي خط لکي ڇڏيو.
رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ايف سي کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزارت ڪمانڊنٽ ايف سي خيبرپختونخواهه کي خط لکي ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڏيڍ هفتو اڳ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي هئي، وزيراعظم مولانا جي پٽ تي حملي، اغوا جي ڪوشش تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو.
ڊيره اسماعيل خان ۾ مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ايف سي مقرر ٿيندي، سيڪيورٽي جي لاءِ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي هڪ پلاٽون مقرر ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت اهو فيصلو ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ جي سلسلي ۾ ڪيو آهي.
ياد رهي ته خيبرپختونخواهه جي ڪجهه ضلعن ۾ دهشتگردي جي واقعن ٻيهر ڪر کنيو آهي، ڊيره اسماعيل خان به اهڙن شهرن ۾ شامل آهي جتي بدامني جي وڌندڙ واقعن تي سمورين سياسي پارٽين ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن. ڊيرا اسماعيل خان ۾ واپاري برادري کان ڀتو وٺڻ جون وارداتون به رپورٽون ٿيون آهن. پابندي مڙهيل تنظيمن جا ماڻهو اڪثر شهر ۾ ڦرندي نظر ايندا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language