ڪشمور:(آچر 06 جولاءِ 2025ع)ڪشمور پوليس پنجاب واسي ٻن ڄڻن کي کروڙ ڪچي طرف ويندي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ٽيڪنيڪل پوليس ٽيم اطلاع تي بروقت ناڪابندي ڪئي، پنجاب جي مظفر ڳڙهه جي بھار خان جتوئي ۽ ملتان جي ظفر حسين شاهه کي ڪچي جي ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو آهي، پوليس جو چوڻ هو ته پيرسن بھار خان جتوئي کي تعويذ ۽ دعا بھاني گھرايو ويو، ملتان واسي ظفر حسين شاهه کي شادي ڪرڻ جو دلاسو ڏئي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language