welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پنوعاقل ۾ چوري جو الزام لڳڻ تي نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

پنوعاقل:(آچر 06 جولاءِ 2025ع)مان چور ناھيان، پنوعاقل ۾ موبائل چوري جو الزام لڳڻ تي نوجوان زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو، شهر جي مھراڻ ڪالوني واسي پورھيت محمد علي شيخ پاڻ مٿان موبائل فون چوري جو الزام لڳڻ تي آپگهات ڪري ڇڏيو . پورھيت گذريل رات دير سان زھريلي دوا پي پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، نوجوان جي والد چيو آھي ته پٽ وين تي ڪلينر ھو، مٿس وين جي ڊرائيور عطر ڪنڀر موبائل چوري ڪرڻ جو الزام هنيو ۽ تشدد ڪرڻ سان گڏ در تي اچي تذليل ڪري گار گند ڪيو، جنهن تان پٽ خودڪشي ڪئي آھي، نوجوان جي والد ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پٽ مٿان چوري جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو، جنھن ڪري ھن دل برداشته ٿي خودڪشي ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے