ڪراچي:(آچر 06 جولاءِ 2025ع)لياري ۾ 5 ماڙ عمارت ڊهڻ کانپوءِ مڪاني وزير سيد غني جي اعلان باوجود سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين سائوٿ ضلعي جي عملدارن کي معطل نه ڪيو ويو، جاچ ڪاميٽي جا نالا به ظاهر نه ٿيا، معاملو اندروني طور تي دٻائڻ جون ڪوششون شروع، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب لياري جي بغدادي واري علائقي ۾ جمعي ڏينهن 5 ماڙ عمارت ڊهڻ کانپوءِ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سائوٿ ضلعي جي عملي کي هٽائڻ جو اعلان ڪيو هو، انهي اعلان جي 24 ڪلاڪن بعد سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين سائوٿ ضلعي جي هڪ به عملدار کي هٽائڻ يا معطل ڪرڻ جو باضابطه طور تي نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو، ان حوالي سان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين سائوٿ ضلعي جي عملي کي معطل ڪرڻ جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه جي هدايتن تي مڪاني وزير عمارت ڊهڻ واقعي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، پر مڪاني کاتي جي اختيارين جاچ ڪاميٽي جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو، جنهن سبب معاملو دٻجي وڃڻ جو خدشو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language