welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شهناز شيخ کي آزاد ڪريو: خيرپور ۾ سوين عورتن جو مظاهرو

خيرپور:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)خيرپور ۾ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سماجي اڳواڻ شهناز شيخ جي آزادي لاءِ سوين عورتون روڊن تي نڪري آيون، عورتن طرفان جادو شاهه موڙ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ڪنول شيخ، مسمات ڪوڙي، شريفان ميتلو، مسمات ارشاد جانوري، آءِ گوهر بلوچ، ريشما شيخ ۽ ٻين چيو ته مظلومن جو آواز اٿاريندڙ سوشل ورڪر شهناز شيخ مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي، جنهن جي شديد مذمت ڪيون ٿا، عورتن چيو ته پوليس بااثر ڌر جي وانگار وهندي مظلوم جي سگهاري آواز کي بند ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي، جنهن خلاف اڄ عورتون روڊن تي نڪتيون آهيون، هنن چيو ته شهناز شيخ هميشه مظلوم بي پهچ غريبن مسڪين جي مدد ڪئي آهي، ان کي جيل ۾ بند ڪرڻ وارو عمل انتهائي شرمناڪ آهي، هنن شهناز شيخ کي آزاد ڪرڻ جي گهر ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے