
رتوديرو:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)رتوديرو ڀرسان وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد واري علائقي پنهون ڀٽي روڊ تي ڳوٺ شير محمد بروهي وٽ ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ ٿيل مقابلي ۾ گوليون لڳڻ سبب وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جو پوليس اهلڪار موبائل ڊرائيور ڳوٺ زنگيجا جو رهواسي منير احمد سومرو شهيد ٿي ويو، شهيد پوليس اهلڪار جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان وارثڏنو ماڇي پوليس جو چوڻ هو ته پوليس موبائل ۾ پوليس اهلڪار گشت ڪري رهيا هئا ته چيڪنگ دوران هنن موٽر سائيڪل تي سوار ٽن شڪي هٿيار بندن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن بيهڻ بدران پوليس موبائل مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو،هوڏانهن لاڙڪاڻو ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي وڏي پوليس نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي، پوليس ٻن ڳوٺن سرهيو چانڊيو ۽ حاصل بروهي کي ڪڙو چاڙهي گهرن جي تلاشي ڪئي پوليس دعويٰ ڪئي آهي،ٻي طرف ڪارروائي دوران پوليس طرفان 3 جوابدارن کي مارڻ جي دعويٰ، لاش اسپتال منتقل، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، پوليس موجب 3 جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويا آھن، جن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، هٿياربندن جو تعلق دستي ۽ جکراڻي گينگ سان آھي.
ڀاءُ گهر وارن کان موڪلائي ڊيوٽي تي ويو هو، جوابدارن ظلم ڪري اسان جو ويڙهو ويران ڪري ڇڏيو: شوڪت سومرو
رتوديرو: شهيد پوليس اهلڪار جي ڀاءُ شوڪت سومرو جو چوڻ هيو ته هو گهر وارن کان موڪلائي ڊيوٽي تي ويو هيو ظالمن ظلم ڪري ناحق منهنجي ڀاءُ کي شهيد ڪري اسان جو ويڙهو ويران ڪري ڇڏيو.
لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ بدامني، پوليس اهلڪار به ٽارگيٽ
رتوديرو: لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، هٿياربند سرعام ڦرلٽ بعد پوليس اهلڪارن کي به ٽارگيٽ ڪرڻ لڳا آهن، وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ۾ شھيد پوليس اھلڪار منير احمد سومرو جي شھادت بعد پوليس ڪارروائي ڪري ٽن جوابدارن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي، ان حوالي سان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو رتوديرو تعلقي اسپتال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته پوليس اھلڪار جي شھادت ۾ ملوث ٽي جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا آھن جن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي جوابدارن جو تعلق دستي ۽ جکراڻي گينگ سان آھي وڌيڪ قانوني ڪاروائي عمل ۾ آڻي رھيا آھيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language