welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مديجي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ڳورهاري عورت قتل

مديجي:(آچر 27 جولاءِ 2025ع) مديجي ڀرسان نئون امروٽ ٿاڻي جي حد اورنگ آباد ڀرسان ويٺل جتوئي برادري جي جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ ھڪ ڳورهاري عورت مسمات زاهدان زال برڪت ڪرسي جتوئي کي بيدردي سان قتل ڪري لاش ڦٽو ڪري ڪري ويا، اهڙي اطلاع تي ايس ايڇ او امروٽ مير محمد سومرو واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا عورت جو لاش کڻائي شڪارپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو جنهن بعد عورت جو لاش سندس امڙ وصول ڪري ڳوٺ کڻائي وئي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او امروٽ مير محمد سومرو ٻڌايو ته عورت کي ماري ڦٽو ڪرڻ واري اطلاع تي پهچي لاش کڻائي شڪارپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو آهي وارثن جو چوڻ آهي ته پنهنجي برادري جي ماڻهن عورت زاهدان جتوئي کي اغوا ڪري قتل ڪيو آهي، واقعي جو سرڪاري مدعيت م ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت جي قتل بابت امروٽ پوليس کي سموري ڄاڻ آهي پر پوليس ڳري رشوت عيوض مامرو لئه مٽي ڪرڻ لاءِ جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻيل آهي جنهن ڪري پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ۽ مقتولا عورت جو خون لوڙھڻ چاهي پئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے