welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز برسات ۽ ٻوڏ متاثرين لاءِ في خاندان 10 لک روپيه امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاھور:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر هر خاندان کي 10 لک روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب پنجاب جي وزيراعليٰ حافظ آباد ۽ بهٽيان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ متاثرين جي امداد جو وڏو فيصلو ڪندي في خاندان کي 10 لک روپيه امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب ڇنڇر تي پنڊي بهٽيان ۽ حافظ آباد ۾ ٻوڏ متاثرين سان ملاقات جي موقعي تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف جي طرفان اعلان ڪيو. پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر سائره افضل تارڙ به انهي موقعي تي موجود هئي. سينئر صوبائي وزير متاثرين سان ڳالهيون ڪندي يقين ڏياريندي چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ طرفان جلد امدادي چيڪ متاثرين ۾ ورهايا ويندا. اهڙي اعلان تي متاثرين وزيراعليٰ مريم نواز جو ٿورو ادا ڪيو ۽ انهي جي حق ۾ نعريبازي به ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے