welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ جو ترقياتي بجيٽ عوام جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جو ویزن آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو ترقياتي بجيٽ صرف پئسن جي ورڇ نه آهي، پر ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جو هڪ وژن آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ترقياتي بجيٽ پيپلز پارٽي جي عوام دوست پاليسين، چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري جي وژن جو تسلسل آهي. هڪ ٽريلين رپين جو ترقياتي بجيٽ پيش ڪري، صوبائي حڪومت ثابت ڪيو آهي ته اسان صرف واعدن جي بدران عملي قدمن تي يقين رکون ٿا. هن چيو ته هي بجيٽ ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي وژن کي ظاهر ڪري ٿو. سنڌ حڪومت ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر حيدرآباد ۽ بينظير آباد لاءِ ست ارب رپين جا ترقياتي پيڪيج مختص ڪيا آهن ته جيئن شهرين کي بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. سينئر وزير چيو ته ڪورنگي ڪاز وي جي تعمير ۽ شاهراهه ڀٽو جي توسيع سندس ترجيحن ۾ شامل آهن ۽ چيو ته اهي منصوبا ٽرئفڪ جي دٻاءُ کي گهٽائڻ ۽ شهري آمدورفت کي آسان بڻائڻ لاءِ اهم آهن. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ سامونڊي پاڻي کي ڊي سيلينيٽ ڪرڻ لاءِ پنج ايم جي ڊي پلانٽس جا منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا، جنهن سان شهر جي پاڻي جي بحران تي قابو پائڻ ۾ مدد ملندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے