welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ وڏي لاٿ، نئين قيمت ڪيتري بيٺي؟

ڪراچي:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ 5,900 رپيا گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت 359,000 رپيا ٿي وئي آهي. ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت 5,058 رپيا گهٽتائي سان 377,784 رپيا ٿي وئي آهي. ياد رهي ته ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ گذريل ڏينهن 3,700 رپيا واڌ ٿي هئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے