اسلام آباد:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين رسالت جي الزامن تي ڪميشن ٺاهڻ جي فيصلي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خادم حسين ۽ جسٽس اعظم خان جسٽس سردار اعجاز اسحاق جي ڪميشن ٺاهڻ جي فيصلي کي معطل ڪندي حڪم جاري ڪيو.
رائو عبدالرحيم ايڊووڪيٽ ڪميشن جي قيام خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي.
ياد رهي ته گذريل هفتي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق توهين رسالت جي ڪيسن جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي هئي ۽ درخواستن کي منظور ڪندي حڪومت کي ڪميشن ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي 30 ڏينهن اندر ڪميشن ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته وفاقي حڪومت پاران قائم ڪيل ڪميشن 4 مهينن اندر پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪري.
0 تبصرے
Do not use vulgar language