welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر: سنڌو درياءَ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ

سکر:(جمعو 11 جولاءِ 2025ع)سنڌو درياءَ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ ٿي وئي آهي. سکر بئراج تي 24 ڪلاڪن ۾ 26 هزار ڪيوسڪ اضافو ٿي ويو آهي. گڊو بئراج تي 6,000 ڪيوسڪ اضافو ٿي ويو آهي، ڪوٽڙي بئراج تي 5,000 ڪيوسڪ اضافو ٿي ويو آهي. گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد 2 لک 69 ھزار 888 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ اخراج 2 لک 29 ھزار 446 ڪيوسڪ آهي. سکر بئراج تي پاڻي جي آمد 1 لک 70 ھزار 720 ڪيوسڪ ۽ اخراج 1 لک 18 ھزار 050 ڪيوسڪ آهي، ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد 60 ھزار 108 ڪيوسڪ ۽ اخراج 19 ھزار 123 ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح هڪ هزار 523. 52 فوٽ آهي. پاڻي جي آمد 3 لک 9 ھزار 100 ڪيوسڪ ۽ اخراج 2 لک 96 ھزار 800 ڪيوسڪ آهي. ڪابل درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو 9.36 فوٽ ۽ آمد 55 هزار 800 ڪيوسڪ آهي. ڪشن گنگا/ تربيلا باغ ۾ پاڻي جي آمد 3 لک 57 ھزار 676 ڪيوسڪ ۽ اخراج 3 لک 49 ھزار 676 ڪيوسڪ آهي. چشمه بئراج تي پاڻي جي سطح 643.6 فوٽ ۽ اخراج 617.6 فوٽ آهي. پاڻي جي آمد 3 لک 72 ھزار 802 ڪيوسڪ ۽ اخراج 3 لک 62 ھزار 894 ڪيوسڪ آهي. تونسا بئراج تي پاڻي جي آمد 3 لک 73 ھزار 185 ڪيوسڪ ۽ اخراج 3 لک 54 ھزار 685 ڪيوسڪ آهي. منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح هڪ هزار 183.2 فوٽ آهي، پاڻي جي آمد 24 ھزار 766 ڪيوسڪ ۽ اخراج 8 هزار ڪيوسڪ آهي. مرالا ۾ پاڻي جي آمد 58 هزار 822 ڪيوسڪ ۽ اخراج 32 هزار 122 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. کانڪي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 52 هزار 320 ڪيوسڪ ۽ اخراج 45 هزار 480 ڪيوسڪ آهي. قادر آباد ۾ پاڻي جي آمد 51 هزار 265 ڪيوسڪ ۽ اخراج 32 هزار 765 ڪيوسڪ تريمو ۾ پاڻي جي آمد 43 هزار 444 ڪيوسڪ ۽ اخراج 31 هزار 044 ڪيوسڪ آهي. پنجند ۾ پاڻي جي آمد 16 هزار 957 ڪيوسڪ ۽ اخراج 3 هزار 697 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے