welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

باجوڙ: مولانا خان زيب جي قتل جي رپورٽ سينٽرل پوليس آفيس موڪلي وئي

باجوڙ:(جمعو 11 جولاءِ 2025ع)باجوڙ ۾ تحصيل خار هيڊ ڪوارٽر ويجهو اي اين پي اڳواڻ مولانا خان زيب جي قتل جي رپورٽ سينٽرل پوليس آفيس ڏانهن موڪلي وئي آهي. رپورٽ موجب، مولانا خان زيب امن مارچ کان گهر واپس اچي رهيو هو ته نواگئي علائقي ۾ مٿس فائرنگ ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار پنج ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مولانا خان زيب ۽ ڪانسٽيبل شيرزادو شهيد ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي واقعي ۾ ٽي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. واقعي واري هنڌ تان 35 گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. هن واقعي جو ڪيس خار جي ايس ايڇ او جي شڪايت تي سي ٽي ڊي خار باجوڙ پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته مولانا خان زيب کي ڪالهه نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ قتل ڪيو ويو هو. مولانا خان زيب 13 جولاءِ تي منعقد ٿيندڙ امن مارچ جي سلسلي ۾ هڪ مهم تي هو. هو اي اين پي علماء ڪائونسل جو سربراهه ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اميدوار هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے