ماسڪو:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)روسي ٽرانسپورٽ وزير رومن اسٽاروويت برطرف ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪن بعد خودڪشي ڪري ڇڏي.
هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي جي مطابق، روسي جاچ ڪميٽي سندس موت جي تصديق ڪندي چيو ته اسٽاروويت خميس ڏينهن ماسڪو علائقي ۾ مئل مليو، سندس لاش سندس ڪار ۾ گولي جي زخم سان مليو.
ڪميٽي جي ترجمان چيو ته موت جي صحيح سبب جو تعين ڪرڻ لاءِ واقعي جي جاچ جاري آهي، پر امڪان آهي ته اسٽاروويت خودڪشي ڪئي هجي.
اهو واقعو روسي صدر ولاديمير پوتن پاران اسٽاروويت کي ٽرانسپورٽ وزير جي عهدي تان برطرف ڪرڻ کان ڪجهه ڪلاڪن بعد پيش آيو.
اسٽاروويت کي مئي 2024 ۾ روس جو ٽرانسپورٽ وزير مقرر ڪيو ويو هو، ان کان اڳ هو سيپٽمبر 2019 کان روس جي سرحدي علائقي ڪرسڪ جي گورنر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language