welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سريلنڪا جي اڳوڻي بحري سربراهه کي اغوا ۽ گمشدگي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو

ڪولمبو:(سومر 28 جولاءِ 2025ع)سريلنڪن اختيارين 15 سال پراڻي اغوا ۽ گمشدگي جي ڪيس ۾ اڳوڻي بحري سربراهه ايڊمرل نشانٿا الووتاني کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس چيو ته الووتاني کي 2010 ۾ هڪ 48 سالن جي شخص جي گمشدگي جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو هو جڏهن هو بحريه جي انٽيليجنس ڊائريڪٽوريٽ جو سربراهه هو. جاچ آفيسر پرڏيهي نيوز ايجنسي اي ايف پي کي ٻڌايو ته الووتاني کي سندس بيان رڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ باضابطه طور تي گرفتار ڪيو ويو ۽ عدالت کيس اربع تائين ريمانڊ تي رکيو آهي. ايڊمرل نشانٿا الووتاني 2020 کان 2022 تائين سريلنڪا جي 24 هين بحري سربراهه طور خدمتون سرانجام ڏنيون. نشٿا الووتاني 2022 ۾ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڪيوبا ۾ سريلنڪا جي سفير طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے