مدئجي:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)مدئجي ويجهو تاجوديرو ٿاڻي جي حد مدئجي ڪچي ۾ ناريجا- خروس پراڻي تڪرار تان چوپايو مال چاريندڙ خروس ڌر جي ڌنار ربنواز خروس کي هٿياربندن گوليون هڻي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان قتل ٿي ويل جي چاچي غلامحمد خروس ٻڌايو ته ناريجا ڌر جا هٿياربند چوپايو مال ڪاهڻ آيا هئا،هٿياربندن گوليون هڻي ڌنار کي موقعي تي قتل ڪري 50 کان مٿي چوپايو مال ڪاهي ويا آھن، تاجو ديرو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پر بروقت نه پھتي جنھن ڪري وڌيڪ نقصان ٿي ويو، جنھن کان پوءِ مدئجي پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن تاجودارو پوليس موجب مقتول جا وارث ٿاڻي تي آيا ته ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language