welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عورت کي سرعام اگهاڙو ڪرڻ ۽ هاءِ جيڪر کي پناهه ڏيڻ تي ڦاهي جي سزا ختم، عمر قيد مقرر: اپوزيشن پاران مخالفت

اسلام آباد:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)سينيٽ عورتن کي سرعام ڪپڙن کان آجو ڪندڙ جوابدارن ۽ هاءِ جيڪر کي پناهه ڏيڻ جي ڏوھ ۾ موت جي سزا ختم ڪري عمر قيد جي سزا مقرر ڪرڻ جو ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، پرڏيهي ملڪن سان جوابدارن جي حوالگي ۽ پاڪستاني شهريت بابت به ترميمون منظور ڪيون ويون. تفصيل موجب سينيٽ جي ايوان ڪالھه فوجداري قانونن ۾ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، بل تحت عورت کي سرعام ڪپڙن کان آجو ڪرڻ ۽ اغوا ڪندڙ جوابدارن کي پناهه ڏيڻ تي موت جي سزا ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. گهرو مامرن جي مملڪتي وزير طلال چوڌري طرفان فوجداري قانونن ۾ ترميمي بل منظوري لاءِ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو. بل ۾ عورت تي مجرمانه حملو ڪرڻ يا کيس سرعام ڪپڙن کان آجو ڪرڻ تي موت جي سزا ختم ڪرڻ جي تجويز شامل آهي. بل موجب عورت تي اهڙو عمل ڪرڻ تي جوابدار کي وارنٽ جي بغير گرفتار ڪري سگهجي ٿو، ابتدائي طور تي وارنٽ جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته اهو ڏوهه ناقابل ضمانت ۽ ناقابل صلح هوندو. اهڙي ڏوهه جي سزا ۾ عمر قيد، ملڪيت ضبط ڪرڻ ۽ ڏنڊ شامل هوندو. اهڙي طرح هاءِ جيڪر (هوائي جهاز اغوا ڪندڙ) کي پناهه ڏيڻ واري ڏوهه تي به موت جي سزا ختم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. اهڙي ڏوهه لاءِ به جوابدار کي بنا وارنٽ گرفتار ڪري سگهجي ٿو، ابتدائي طور وارنٽ جاري ڪيو ويندو، ڏوهه ناقابل ضمانت ۽ ناقابل صلح هوندو، ۽ سزا ۾ عمر قيد ۽ ڏنڊ شامل هوندو. سينيٽر علي ظفر چيو ته عورت جا ڪپڙا لاهڻ تي اڳ موت جي سزا هئي، اها سزا برقرار رهڻ گهرجي. انساني حقن واري ڪاميٽي جي چيئرمين ثمينه ممتاز زهري چيو ته اسان قانون کي وڌيڪ نرم ڪري رهيا آهيون، عورت کي وڌيڪ ڪمزور بڻائي رهيا آهيون. عورت جا ڪپڙا لاهڻ واري ڏوهه ۾ نرمي آندي پئي وڃي، جڏهن ته اِن ۾ سختي جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته هي اسلامي رياست آهي. صرف بين الاقوامي ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجون سزائون گهٽائي رهيا آهيون. قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪيئن سمجهيو وڃي ته سخت سزا ڏوهه جي سنگيني کي روڪي ٿي، اسان وٽ اسي کان هڪ سئو ڏوهن ۾ موت جي سزا آهي، پر ڏوهن جي شرح وڌي رهي آهي. يورپ ۾ موت جي سزا ناهي ۽ اتي ڏوهه گهٽجي رهيا آهن، جيل خالي ٿي رهيا آهن ۽ ميوزيم بڻجي رهيا آهن. موت جي سزا ڏيڻ سان ڏوهه گهٽ نه ٿيندا. پاڻي جي تڪرار، زمينن جي مسئلن تي عورتن جا ڪپڙا ڦاڙي اهڙا ڪيس داخل ٿيندا آهن، عورت جا ڪپڙا لاٿا ويندا آهن ته جئين مخالف شخص کي موت جي سزا ملي. ضياءَ الحق جي دور ۾ جڏهن ڪنهن وڏيري عورت جا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا، تڏهن موت جي سزا ڏني وئي. ان کان اڳ اهڙي ڏوهه جي سزا فقط ست سال هئي. جڏهن موت جي سزا شامل ڪئي وئي ته اهڙن ڪيسن جو انگ وڌي ويو. عمر قيد پاڻ هڪ وڏي سزا آهي. شريعت موجب فقط چار ڏوهن کانسواءِ ٻي ڪنهن ڏوهه تي موت جي سزا نه هجڻ گهرجي. پرڏيهي ملڪن سان جوابدارن کي حوالي ڪرڻ جو ترميمي بل به منظور ڪيو ويو. جنهن تي ڳالهائيندي مخالف ڌر جي سينيٽر علي ظفر چيو ته جيڪڏهن ڪو ملڪ پاڪستان کان ڪنهن جوابدار کي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ته ان تي بنا سوچ ويچار عمل نه ٿيڻ گهرجي. ٻين ملڪن جا ادارا پنهنجن شهرين کي مڪمل تحفظ ڏين ٿا، پر اسان پنهنجي شهرين جي حوالگي جي عمل کي آسان بڻائي رهيا آهيون، جيڪو درست ناهي. ماڻهن جي حوالي جو فيصلو ڪابينا جي سطح تي ٿيڻ گهرجي، ڇو ته موجوده قانون موجب ته جوائنٽ سيڪريٽري جي فيصلي تي ماڻهن کي ٻاهر موڪليو ويندو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان جو حوالگي قانون 1972 کان آهي ۽ اهو هميشه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي معاهدي جي بنياد تي هجي ٿو. اهو نٿو ٿي سگهي ته اوهان حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هو ڪنڌ ڪٽي ڇڏي. سينيٽ پاڪستان شهريت ترميمي بل به منظور ڪري ورتو. بل مطابق ڪو به شخص اڳ پاڪستاني شهريت ڇڏڻ وارو ڊڪليئريشن جمع ڪرائي ٻيهر پاڪستاني شهريت حاصل ڪري سگهي ٿو. ان کان علاوه اهڙي شخص جو نابالغ ٻار جنهن جي شهريت به ختم ٿي چڪي هئي، ان جي شهريت به بحال ٿي ويندي. علي ظفر چيو ته قانون جي زبان آهي ڪو به پاڪستاني شهريت واپس وٺي سگهي ٿو. اعظم نذير تارڙ چيو ته جيڪڏهن ڪو پاڪستان شهريت ڇڏي ٿو، اِن کي ٻيهر شهريت حاصل ڪرڻ جو اختيار هجڻ گهرجي يا نه، اِن جي قانون اجازت ڏي ٿو. ڪيترائي ڀيرا اوهان ٻاهرين ملڪ ويندا آهيو ۽ وطن جي محبت واپس وٺي ايندي آهي دروازا بند نه ٿيڻ گهرجي. قانوني ۾ ترميم تحت ڇڏيل شهريت ڊڪليئريشن ڏئي واپس وٺي سگهجي ٿي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے