welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اين اي ڊي ورسٽي جي داخلا ٽيسٽ سنڌ جي 5 تعليمي بورڊن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا: اڪثر ٽاپر فيل

ڪراچي:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ ڪرايل ٽيسٽ ۾ سنڌ جي مختلف تعليمي بورڊز ۾ اي ون ۽ اي گريڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگرن جي اڪثريت ناڪام، سنڌ جي ٻي وڏي انجنيئرنگ يونيورسٽي اين اي ڊي ۾ داخلا لاءِ ڪرايل ٽيسٽ ۾ ڪيمبرج انٽرنيشنل ايجوڪيشن ميدان ماري ورتو، انهي جا 89 سيڪڙو شاگرد داخلا ٽيسٽ ۾ پاس ٿي ويا، ٻئي نمبر تي فيڊرل بورڊ جا 78.5 سيڪڙو شاگرد ۽ ٽئين نمبر تي ڪراچي بورڊ جا 76.69 سيڪڙو پاس ٿيا، سنڌ جي باقي 5 تعليمي بورڊز مان اي ون ۽ اي گريڊ حاصل ڪندڙ شاگردن جي اڪثريت ٽيسٽ پاس ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، مادرعلمي جي ٽيسٽ ۾ پاسنگ مارڪس رڳو 50 سيڪڙو هيون ، ٽيسٽ ۾ مجموعي طور 68.1 سيڪڙو شاگرد پاس ٿيا، ٽيسٽ ۾ 9388 شاگرد شريڪ ٿيا، جن مان 6398 شاگرد پاس ۽ 2990 شاگرد فيل ٿيا، حيدرآباد بورڊ مان انٽر پاس ڪري ٽيسٽ ۾ شريڪ 764 مان 406 شاگرد فيل ٿي ويا، لاڙڪاڻي بورڊ جي 322 شاگردن ٽيسٽ ڏني، 219 فيل ٿي ويا، ميرپورخاص بورڊ جي 522 شاگردن ٽيسٽ ڏني، 308 فيل ٿي ويا، شهيد بينظير آباد بورڊ جا 261 مان 144 شاگرد فيل ٿيا، سکر بورڊ مان انٽر ڪيل 266 شاگرد ٽيسٽ ۾ شريڪ ٿيا، جن مان 176 فيل ٿي ويا. سنڌ جي 35 هزار شاگردن لاءِ پي آءِ ٽي پي 2 جو اعلان ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه، اين اي ڊي ورسٽي ۾ 96.48 ملين جي لاڳت سان ٺهيل فوڊ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي نئين عمارت، 67.11 ملين ۾ ٺهيل 112 شاگردن جي گنجائش واري انٽرنيشنل بوائز هاسٽل ۽ 98.52 ملين ۾ تعمير ٿيل 52 شاگردياڻين جي گرلز هاسٽل بلاڪ جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي وڏي وزير پي آءِ ٽي پي بابت ٻڌايو ته هي پروگرام اين اي ڊي، مهراڻ ۽ آءِ بي اي سکر ۾ شروع ڪيو ويو. پي آءِ ٽي پي ون تحت تربيت وٺندڙ 13565 شاگردن مان 4353 گريجوئيٽس نوڪريون حاصل ڪيون، جنهن سان صوبي جي معيشت کي 49 ملين رپين جي سڌي آمدني حاصل ٿي. آءِ بي اي سکر ۾ 40 سيڪڙو، اين اي ڊي ۾ 36 سيڪڙو ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ 33.6 سيڪرو شاگردياڻين حصو ورتو، مهراڻ يونيورسٽي جا 62 سيڪڙو شاگرد ڳوٺاڻن علائقن سان تعلق رکن ٿا. وڏي وزير پي آءِ ٽي پي ۾ اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾300 گوگل ڪروم بوڪس / ليپ ٽاپ ورهايا. وڏي وزير ان موقعي تي پي آءِ ٽي پي 2 جو اعلان ڪندي چيو ته انهي لاءِ 1.4 ارب رپين جي اضافي بجيٽ رکي وئي آهي. فيز 2 ۾ 35000 شاگردن کي آءِ ٽي جي 12شعبن ۾تربيت ڏني ويندي، 28 سالن تائين عمر رکندڙ ميٽرڪ، انٽر ۽ گريجوئيٽ سطح جا شاگردفيز 2 ۾ شامل ٿي سگهندا، ٻئي مرحلي ۾ اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 5 سيڪڙو شاگردن کي 1750 ڪروم بڪس ڏنا ويندا. هي مرحلو 40 سيڪڙو روزگار جي شرح پيدا ڪرڻ جو امڪان رکي ٿو، جيڪو ايندڙ پنجن سالن ۾ 5.04 ارب رپين جا معاشي فائدا آڻي سگهي ٿو، سنڌ حڪومت جو واعدو آھي ته سنڌ جو ڪو به شاگرد پوئتي نه رهندو، ڪو به خواب ايترو وڏو نه هوندو، جو پورو نه ٿي سگهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے