
خيرپور:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)خيرپور ۾ حسن سردار نيازي جي ايس ايس پي طور مقرريءَ کانپوءِ خير جا ڏينهن ختم، بدامنيءَ جي راڪاس شهرين سميت زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهوءَ کي پريشان ڪري ڇڏيو، قتل ، ڦرلٽ، ڌاڙن، چورين ۽ ڀتا خوريءَ جي واقعن سبب شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا، پوليس طرفان ڏوهارين کي ھاف فراءِ ڪرڻ وارو عمل به ڏوهن کي ٻنجو ڏئي نه سگهيو. ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب خيرپور ۾ حسن سردار نيازي جي ايس ايس پي طور مقرريءَ کانپوءِ خيرپور ضلعي اندر قتل ، ڌاڙن، ڦرلٽ، چورين ۽ ڀتا خوري وارن واقعن کي ٻنجو اچي انهي سگهيو، تازو خيرپور جي سينيئر صحافي اطهر صديقي جي گهر مان سونا زيور ۽ لکين رپيا چوري ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدار قانون جي جڪڙ مان آجا ناهن، پوليس ايس ايس پي آفيس ڀرسان فاروق سومرو جي بيٽرين جي دڪان مان ٿيل چوري ۾ ملوث جوابدارن جو به پتو لڳائي ناهي سگهي، ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ وڪيلن جي لڳل ڌرڻي جي ڪوريج کان واپسيءَ تي ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي ضلعي رپورٽر عرفان ڦلپوٽو ۽ ڪيميرامين فرحان ميتلو کان ٿيل ڦرلٽ، صحافي عمرالدين ملڪ جي پٽ کان ساڳئي ئي جاءِ تان ٿيل ڦر واري واردات ۾ ملوث جوابدارن تائين به پوليس پهچي ناهي سگهي ۽ نه وري ڦر ٿيل سامان هٿ ڪري سگهي آهي. تازو خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ سليم آباد ۾ مل ڪالوني جي رهواسي فوجي نوجوان حماد الله سومرو کي ڦر دوران مزاحمت تي شهيد ڪندڙ ڦورو به قانون جي گرفت کان آجا بڻيل آهن جائزي دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته خيرپور ضلعي ۾ موٽر سائيڪلن جي ڦرلٽ وارن واقعن ۾ تيزي اچي وئي آهي جنهن بعد شهرين موٽر سائيڪلن لاءِ هڪ کان وڌيڪ تالن جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي شهرين جو چوڻ هو ته ته عام شهري جي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون واپس ناهن ٿيندا، ٻئي طرف سياسي اثر رکندڙن کي نئين موٽر سائيڪل يا نئون موبائل فون وٺي ڏيڻ پوليس جي مجبوري بڻجي وڃي ٿي.
خبر ناهي ته گهر جيئرا اينداسين يا لاش پهچندو؟: شهري
خيرپور: خيرپور ۾ امن جي پکي جي واپسي جا خواب ڏسندڙ شهرين جو چوڻ آهي ته ماضيءَ ۾ خيرپور ۾ اهڙا ايس ايس پي مقرر ٿيا، جن جي مقرري دوران ڏوهاري ٻرن ۾ لڪي ويا ۽ شهرين سک جو ساهه کنيو ، هينئر وري خيرپور ضلعو بدامنيءَ جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي، شهرين کي هاڻي گهران نڪرندي اها به ڄاڻ ناهي ته اُهي سلامتي سان پنهنجن گهرن ڏانهن واپس ويندا يا رستي ۾ ئي ڦرجي لٽجي زخمي يا لاش جي صورت ۾ گهر پهچندا. هنن چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته خيرپور ضلعي کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ بدران امن ڪرائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.
قائم علي شاهه 8 سال وڏو وزير رهيو *10 ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جو خيرپور سان تعلق
خيرپور: خيرپور جي چونڊيل نمائندن عوام کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو، خيرپور ضلعي سان تعلق رکندڙ پ پ ايم پي اي سيد قائم علي شاهه 8 سال مسلسل سنڌ جو وڏو وزير رهي چڪو آهي، 10کن ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز خيرپور ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال تي خاموش آهن.
انجمن تاجران جا 2 صدر بدامني تي ماٺ: ايس پي کي اجرڪن جا تحفا ڏنا
خيرپور: خيرپور ۾ بدامني ۾ واڌ باوجود واپارين جي تنظيم انجمن تاجران ماٺ اختيار ڪري ورتي آهي، ايس ايس پي حسن سردار نيازي طرفان شهر جي مختلف بازارن جو دورو ڪرڻ دوران واپاري اڳواڻن بدامني جي دانهن ڪرڻ بجاءِ کيس اجرڪ جا تحفا ڏنا. واضح ر هي ته انجمن تاجران خيرپور جا هن وقت ٻه صدر آهن، جيڪي پيپلزپارٽي توڙي جيلاني هائوس سان لاڳاپن جي دعويٰ پڻ ڪن ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language