welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نندي ويجھو ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران پيرسن مارجڻ جا اطلاع، گھر ۾ ڪهرام

نندو شھر:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)نندو لڳ ڳوٺ حافظ حسين بجير ۾ ملاح برادري جي ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو 55 ورهين جو جمع ملاح قتل ٿئي ويو جنهن کي سندس وارث نندو اسپتال کڻي آيا جتي ڊاڪٽر سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، قتل ٿيل جمع ملاح جي وارثن ٻڌايو ته جمع ملاح پنهنجي شادي شده نياڻي کي وٺڻ لاء سندس ساهريجن ويو جتي مامون ملاح ۽ سندس ڀائرن تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي رپورٽ قتل ڄاڻايل جمع ملاح جي پٽ احمد ملاح پڻ نندو ٿاڻي تي چئن جوابدارن مامون ملاح، مير حسن ملاح ۽ ٻين تي داخل ڪرائي آهي نندو پوليس رورل هيلٿ سينٽر نندو پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاء انڊس اسپتال بدين کڻائي ويئي. انهي سلسلي ۾ نندو رورل هيلٿ سينٽر جي ايم ايس ڊاڪٽر احمد کٽي رابطي تي ٻڌايو ته مبينا قتل ٿيل جمع ملاح کي ظاهري ڌڪ نظر ناھي آيو پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے