نئين دھلي:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)هندستان ۾، آل انڊيا مجلس اتحاد المسلمين جي سربراهه ۽ ايم پي اسد الدين اويسي چيو آهي ته سندس ضمير کيس پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ جي اجازت نٿو ڏئي.
اسد الدين اويسي لوڪ سڀا ۾ پهلگام حملي ۽ آپريشن سندور تي جاري بحث دوران حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي.
پنهنجي تقرير دوران، هن حڪومت کان سوال ڪيو ۽ چيو ته جڏهن هندستان پاڪستان خلاف ڪيترائي سخت قدم کنيا آهن، ته پوءِ ايشيا ڪپ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچ کيڏڻ جي اجازت ڪيئن ڏني پئي وڃي؟ توهان پاڪستان سان ڪرڪيٽ ڪيئن کيڏندا؟
هن چيو ته هندستان جو پاڪستان سان واپار بند آهي، ان جا جهاز هندستان ۾ نٿا اچي سگهن، جهازن کي پاڻي جي رستن تي به پابندي آهي، پر ڪرڪيٽ ميچ کيڏيو پيو وڃي.
هن چيو ته جڏهن اسان پاڻي نه ڏئي رهيا آهيون، اسان پاڪستان جو 80 سيڪڙو پاڻي اهو چئي روڪي رهيا آهيون ته پاڻي ۽ رت گڏ نه وهي سگهن ٿا، ته پوءِ توهان ڪرڪيٽ ميچ ڪيئن کيڏندا؟
هن چيو ته سندس ضمير کيس پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ جي اجازت نٿو ڏئي.
ياد رکڻ گهرجي ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ميچ 14 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language