welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي سيڪيورٽي خدشن جي ڪري سبي ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو

پشاور:(جمعو 25 جولاءِ 2025ع)سيڪيورٽي خدشن جي ڪري پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي سبي ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو. ريلوي عملدارن موجب، پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس دمبولا ۾ ڌماڪي سبب تقريبن 6 ڪلاڪ دير سان سبي پهتي، ۽ سيڪيورٽي ڪليئرنس نه هجڻ سبب ٽرين کي سبي ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو. ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته مسافر سبي کان ڪوئيٽا تائين ڀاڙي جي واپسي حاصل ڪري سگهن ٿا، پر انهن مسافرن کي جمعي جي صبح ٽرين ذريعي ڪوئيٽا پهچايو ويندو. ٻئي طرف، ريلوي عملدارن جمعي تي ڪوئيٽا کان چمن لاءِ چمن ٽرين منسوخ ڪري ڇڏي آهي. آفيسرن موجب، جعفر ايڪسپريس جي مسافرن کي چمن ٽرين جي ڪوچن ۾ سبي پهچايو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے