welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

راولپنڊي ۾ برسات کان پوءِ ٻوڏ واري صورتحال، وزيراعظم شهباز شريف هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)راولپنڊي ۾ برسات کان پوءِ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شهباز شريف هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڪالهه رات کان پيل تيز برسات سبب لئي نالي ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سبب خطري جون گهنٽيون وڄايون ويون جڏهن ته ويجهن آبادين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم چيف ڪمشنر راولپنڊي، ايم ڊي واسا کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ برسات سبب ٿيل نقصانن ۽ حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو ويندو. انهي کان علاوه وزيراعظم ملڪ ۾ تازين برساتن ۽ دريائن ۾ چاڙهه جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) جو هنگامي دورو ڪندو. دوري جي دوران وزيراعظم کي ملڪ ۾ جاري برساتن، ٻوڏ صورتحال ۽ امڪاني خطرن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. اين ڊي ايم اي اختيارين وزيراعظم کي حفاظتي قدمن، متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏيل حڪمت عملي بابت آگاهه ڪندو. ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر طرفان سيٽلائٽ اميجز جي مدد سان ايندڙ ڏينهن ۾ موسم جي صورتحال ۽ امڪاني خطرن بابت اڳواٽ ڄاڻ به ڏني ويندي. وزيراعظم جو اهو دورو وقت تي قدمن ۽ متاثر علائقن ۾ بهتر امدادي ڪارروائين کي يقيني بنائڻ جي لاءِ اهميت جوڳو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے