لاڙڪاڻو:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن چانڊڪا سول اسپتال جي هڏن واري وارڊ ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ زال مڙس قتل ٿي ويا جڏهن ته هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا۔
اسپتال جي هڏن واري وارڊ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ دوران وارڊ ۾ ڀاڄ پئي وئي جڏهن ته خوف ۽ ڏهڪاءَ جي ڪري مريض ۽ انهن جا وارث وارڊ مان ٻاهر نڪري آيا
پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ بهرام واسي محمد يوسف مغيري ۽ سندس زال ريحانه مغيري قتل ٿي ويا، جڏهن ته وارڊ ۾ موجود مريض سان گڏ آيل عورت زخمي ٿي آهي۔ مقتولا ريحانه جي فائرنگ ۾ حملو ڪندڙ نجيب مغيري نالي هٿياربند پڻ سخت زخمي ٿيو آهي، ٻنهي زخمين کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي۔
واقعي کان پوءِ ٻيا حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا آهن۔ پوليس جو چوڻ آهي ته هي واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو آهي، جڏهن ته لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔
0 تبصرے
Do not use vulgar language