
دوحا:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)فلسطيني مزاحمتي گروپ حماس چيو آهي ته هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه لاءِ تجويز ڪيل جنگ بندي جو جائزو وٺي رهيو آهي.
حماس، بهرحال، چوي ٿو ته اسرائيل کي معاهدي تحت غزه مان نڪرڻو پوندو. ٻئي طرف، اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو اعلان ڪيو آهي ته غزه مان حماس کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويندو.
صدر ٽرمپ ڪالهه دعويٰ ڪئي ته اسرائيل حماس سان 60 ڏينهن جي جنگ بندي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ گهربل شرطن کي قبول ڪري ورتو آهي. هن پيش رفت کي پنهنجي نمائندن ۽ اسرائيلي عملدارن جي وچ ۾ "ڊگهي ۽ پيداواري" ملاقات قرار ڏنو.
حماس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان کي مصر ۽ قطر جي ثالثن ذريعي جنگ بندي جون نئين تجويزون مليون آهن ۽ اهو گروپ انهن جو احتياط سان جائزو وٺي رهيو آهي. حماس جو چوڻ آهي ته اهو هڪ اهڙو معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو جنگ جي مڪمل خاتمي ۽ اسرائيل جي غزه مان نڪرڻ جي ضمانت ڏئي.
بهرحال، نتنياهو اڄ هڪ اجلاس ۾ ٻڌايو ته "ڪو به حماس نه هوندو، 'همستان' نالي ڪا به شيءِ نه هوندي. اسان پوئتي نه هٽنداسين. اهو سڀ ختم ٿي چڪو آهي."
اسرائيلي وزيراعظم نتنياهو غزه ۾ تقريبن ٻن سالن کان جاري جنگ کي ختم ڪرڻ ۽ مستقل جنگ بندي تي پهچڻ لاءِ وڌندڙ عوامي دٻاءُ هيٺ آهي، پر سندس سخت گير ساڄي ڌر جي حڪومتي اتحادي ان جي سخت مخالفت ڪري رهيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language