فيض گنج:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)ٻارن جي ڳالھ تان ماسات ھٿان ماسات قتل.
فيض گنج ڀرسان ڪوٽ لعلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ خانڻ جي ڀٽ تي ٻارن جي معمولي ڳالھ تان ماساتن وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو. جھيڙي ۾ ڪھاڙيون لڳڻ سبب نوجوان سراج پٽ غوث بخش راڄپر مارجي ويو آھي.
فوتي جي مڙھ کي رورل ھيلٿ سينٽر فيض گنج منتقل ڪيو ويو آھي.
قتل ٿيل نوجوان جي ڀاءُ موجب سندس ڀاءُ کي پنھنجي ماسات شاھزيب راڄپر ٻارن جي ڳالھ تان ڪھاڙين جا وار ڪري بي دردي سان قتل ڪيو آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language