welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مديجي: خروس ناريجا برادري وچ ۾ جهيڙو، فائرنگ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو

مديجي:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)خروس ناريجا برادري وچ ۾ جهيڙو، فائرنگ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو. مديجي جي ڪچي واري علائقي تاجوديرو ٿاڻي جي حد خروس ناريجا خوني تڪرار تان ڌرين وچ ۾ جديد ھٿيارن سان فائرنگ، فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو ربنواز خروس مارجي ويو. مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جا ماڻهو مال چاري رهيا هئا ته ناريجا برادري جي هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هڪ ڄڻي کي قتل ڪرڻ بعد ناريجا برادري جا هٿياربند 50 ڍور ڪاھي ويا آھن. واقعي دوران ايس ايڇ او جھٻر شيخ ويٺل هو پر ٿاڻي جي حد نه هجڻ ڪري ڪجھ به نه ڪيو. جڏهن ته پوليس جو چوڻ هو ته ناريجا خروس برادري وچ ۾ پراڻو خوني تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان واقعو پيش آيو آهي. لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے