سيوھڻ:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ 2. 2 لک ڏنڊ جي سزا ۽ ٻن ڄڻن کي هڪ هڪ سال جي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ايڊيشنل سيشن جج سيوهڻ جي عدالت مقتول اسد نوحاڻي جو خون ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن جنھن ۾ مراد، علي گوهر ۽ صدر نوحاڻي کي عمر قيد ۽ 2,2 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.
ساڳئي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن يعقوب ۽ اڪبر کي هڪ هڪ سال جي سزا پڻ ٻڌائي. جوابدارن 2 سال اڳ سال مقتول اسد نوحاڻي کي بي دردي سان قتل ڪيو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language